اصغر خان ڪيس: سپريم ڪورٽ طرفان سمورن فردن کي هڪ هفتي تائين لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي دوران سمورن فردن کي 9 جون تائين تحريري جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن سويلين ماڻهن کي ايف آءِ اي اڳيان پيش ٿيڻو پوندو، جڏهن ته ان ڳالهه جو فيصلو عدالت ڪندي ته ڪنهن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ٿيڻو آهي ڪنهن جو سويلين ادارن ۾ ياد رهي ته ڄاڻايل ڪيس جي 2 جون تي ٿيندڙ ٻڌڻي دروان سپريم ڪورٽ 1990 جي چونڊ مهم دوران رقم وٺندڙ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سينيئر سياستدان جاويد هاشمي ۽ عابده حسين سميت 21 سويلين کي نوٽيس جاري ڪيا هئا.ٻئي پاسي اعليٰ عدالت طرفان آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل(ر) اسد دراني سميت ڪيس سان لاڳاپيل آرمي آفيسرن، ڊي جي نيب ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي پڻ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. جيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ 3 بئنج اڄ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن جا وڪيل ۽ سينيئر سياستدان جاويد هاشمي عدالت ۾ پيش ٿيو. ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ميان نواز شريف ڪٿي آهي؟ کيس نوٽيس ڏنو هيو  هو ڇو ناهي آيو؟ ٽي وي چينلن تي ٽڪر هليا جڏهن ته اڄ اخبارن جي ليڊ اسٽوري به اها ئي آهي. ان سان گڏ ئي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيوته جيڪڏهن نواز شريف اسلام آباد ۾ آهي ته هو هڪ ڪلاڪ اندر عدالت ۾ پيش ٿئي،  اهو عدالت جو حڪم آهي هر ڪنهن کي اچڻو پوندو. جنهن تي اٽارني جنرل اعليٰ عدالت کي آگاهه ڪيو ته نواز شريف هن وقت احتساب عدالت ۾ ٽرائل کي منهن ڏئي رهيو آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نواز شريف جو وڪيل آهي ته ان کي گهرائي وٺو. وقعي بعد عدالت ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي ته اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيشي سبب سپريم نه اچي سگهيو، جڏهن هو پنهنجي وڪيل جو انتظام ڪري رهيو آهي. جنهن تي عدالت چيو ته نواز شريف ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سينيئر سياستدان جاويد هاشمي صاحب هتي موجود آهي کائنس پڇون ٿا ته هن ڪيترا پيسا ورتا هئا؟ جنهن تي جاويد هاشمي جواب ڏيندي چيو ته رقم ناهي ورتي. جاويد هاشمي چيو ته هن 5 ورهيه نيب عدالت ڪيس وڙهي ان الزام مان پاڻ کي آجو ڪرايو آهي. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اها ته تمام بهترين ڳالهه آهي، بدعنوانين واري ڪيسن ۾ توهان جهڙن سياستدانن کي ليڊ ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت آرمي آفيسرن وارو معاملو آرمي حوالي ڪيو آهي، اهي پڻ ان معاملي کي پنهنجي قانون موجب ڏسندا هن ڪيس ۾ سويلين وارو معاملو ايف آءِ اي ڏسي رهي آهي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس ۾ خورشيد شاهه کي جاري ڪيل نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو. اعتزاز احسن عدالت اڳيان موقف اختيار ڪندي چيوته خورشيد شاهه کي ان ڪيس ۾ اڳ ۾ ڪڏهن نوٽيس جاري ناهي ٿيو،  ان تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو ته پتو لڳايون ٿا ته خورشيد شاهه کي نوٽيس ڇو جاري ٿيو. جنهن تي عدالت جي رجسٽرار چيو ته خورشيد شاهه کي ان ڪيس ۾ ڪڏهن به نوٽيس جاري ناهي ٿيو، هن ڏانهن نوٽيس غلطي سان جاري ٿيو آهي، جنهن بعد عدالت خورشيد شاهه کي جاري ڪيل نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو. جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *