ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته جي ڊي اي وارا اڳ به الزام مڙهيندا رهيا اڄ به الزامن جو سهارو وٺي رهيا آهن، اهي چونڊن کان ڀڃڻ چاهين ٿا، انهن جي خواهش آهي ته چونڊون ملتوي ٿي وڃن، 2013 ۾ ٻيهر اسان کي ووٽ ڏنا ۽ ايندر عام چونڊن ۾ به پ پ ڪامياب ٿيندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته اسان سنڌ ۾ گڏيل طور تي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو آهي، ڪابينا جوڙڻ وڏي وزير جو ڪم آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته ريحام خان جو ڪتاب اچڻ کان اڳ ئي مشهور ٿي ويو آهي، ريحام خان پي ٽي اي جا ٿورا مڃيا آهن، پي ٽي آءِ وارن ريحام جو ڪتاب اچڻ کان اڳ ايترو مشهور ڪري ڇڏيو آهي ته جڏهن ڪتاب ايندو ته سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندو، جيڪڏهن ڪنهن وٽ بڪ هجي ته مون کي به ڏجو ته مان به پڙهي سگهان، جي ڊي اي جي خواهش آهي ته اڄ ئي چونڊون ملتوي ٿي وڃن، اسان سهاري جي ڳولا ۾ نه آهيون، اسان چونڊون چاهيون ٿا، چونڊن کان ڀڃڻ وارا نه آهيون، اصغر خان جي ڪيس ۾ خبر پئجي وئي ته ڪهڙن ماڻهن پيسا ورتا، پ پ جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسامه بن لادن جو نالو به سامهون آيو هو.