افتخار چوڌري غلط ورتاءُ ڪيس، اڳوڻي انتظاميه خلاف سزائن جو فيصلو برقرار

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سان غلط ورتاءُ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پوليس ۽ اڳوڻي انتظاميه جو انٽرا ڪورٽ اپيلون رد ڪندي سزائن جو فيصلو برقرار رکيو آهي تفصيل مطابق 13 مارچ 2007 تي ان وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گهر کان عدالت اچڻ وقت روڪيو ويو ۽ ان سان غلط ورتاءَ ڪيو ويو هو ان دوران سندس وارن کان وٺي ڇڏيو ويو ۽ کيس ڌڪا به ڏنا ويا سپريم ڪورٽ گذريل مهيني 16 مئي تي جوابدارن تي انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌني ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بئنچ اربع تي افتخار چوڌري بدسلوڪي ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو پنهنجي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد افتخار احمد ۽ ٻين ست پوليس آفيسرن جون اپيلون رد ڪندي سندن سزائون برقرار رکيون. سپريم ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ پوليس جوابدارن کي عدالت جي ڪمري مان تحويل ۾ ورتو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *