پاڻي کوٽ بابت ٻڌڻي 7 جون مقرر، ڪنهن به پارٽي جي منشور ۾ پاڻي مسئلي جو ذڪر ناهي: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ثاقب نثار ملڪ ۾ پاڻي بحران جو سختي سان نوٽيس ورتو، رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هلندڙ پاڻي بحران جو پڙاڏو سپريم ڪورٽ ۾ گونجڻ لڳو، چيف جسٽس پاڪستان پاڻي کوٽ بابت ورتل پاڻ مرادي نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي 7 جون تي مقرر ڪندي اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل، چيئرمين سي ڊي اي ۽ اسلام آباد جي مئير کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، چيف جسٽس پاران پاڻ مرادي نوٽيس جون ٻڌڻيون ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ اسلام آباد رجسٽرين ۾ ٿينديون، ياد رهي ته اڄ پاڪستان جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڊئمن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي  درخواست ڏيندڙ بئريسٽر ظفرالله موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان جي جي ڊي پي مان 20 سيڪڙو پاڻي تي ڀاڙي ٿو، 48 ورهين ۾ هڪ ڊئم نه ٺهيو، اهڙي صورتحال رهي ته مري وينداسين، جڏهن ته درخواست گذار جي دليلن تي رماڪس ڏيندي جسٽس سردار طارق چيو ته ڪنهن پارٽي وٽ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ اوليتن ۾ شامل ناهي، جڏهن ته اڃا به سخت موقف ڏيندي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته ڪنهن به پارٽي جي منشور ۾ پاڻي بابت ڪو ذڪر ناهي، هن چيو ته پاڻي جي مسئلي کان وڌيڪ ٻيو ڪو به مسئلو ناهي، هن چيو ته سڀ اهو ذهن ۾ وجهي ڇڏين ته هاڻي اسان جي ترجيحن ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڻي مسئلو آهي، هن چيو ته پاڻي اسان جي ٻارن جو بنيادي حق آَهي، جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارن کي پاڻي نه ڏئي سگهياسين ته باقي ڇا ڏنو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *