اسان جي امن واري خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهو وڃي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

روالپنڊي(م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان جي امن جي خواهش کي رياست، حڪومت ۽ فوج جي سطح تي ڪمزور نه سمجهو وڃي. روالپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت گهڻي قدر عام شهرين کي پنهنجو نشانو بڻايئندو آهي. هن چيو ته ڀارت طرفان پهرين پهرين گولي اچڻ تي نقصان نه ٿيو ته ڪو به جواب نه ڏينداسين، ڀارت جي طرفان جيڪڏهن ٻي گولي آئي ته پوءِ ڀرپور جواب ڏينداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت 13 ورهين ۾ 2 هزار کان وڌيڪ جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ رڳو 2018 ۾ هڪ هزار 77 سيزفائر جون ڀڃڪڙيون ٿي چڪيون آهن. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت پاڪستان ٻئي ايٽمي طاقتون آهن ۽ اسان جي امن واري خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمهجو وڃي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڊي جي ايم اوز جن ڳالهين تي اتفاق ڪيو آهي ان تي عمل ڪيو وڃي ۽ پاڪستان سيز فائر معاهدي جي پاسداري ڪرڻ چاهي ٿو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته جڏهن ته افغانستان سان جيو فينسنگ شروع ڪئي ته سرحد پار فائرنگ سان 7 سپاهي شهيد ۽ 39 زخمي ٿي چڪا آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي ملڪ اهڙا چيلنج هوندي ناهي ڪيو. هن چيو ته هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو پاڪستان جي مفاد ۾ هوندو ۽ پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن به ملڪ جي ها خواهش ناهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جڏهن به ڪنهن پرڏيهي خطري تي ڳالهه ٿي ته  پوري ليڊرشپ فيصلو ڪيو ۽ اڳتي وڌياسين، اسان کان وڌيڪ ڪنهن جي خواهش ناهي ته آمريڪا ڪاميابي ماڻي افغانستان مان نڪري ۽ هڪ مضبوط افغانستان ڇڏي وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آپريش ضرب عضب ۾ سمورن دهشتگرد گروپن جو خاتمو ڪيو، هن وقت پاڪستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ سميت ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو اسٽرڪچر موجود ناهي. هن چيو ته افغان مهاجرن جي عزت سان واپسي جي ضروري آهي ڇو ته انهن جي وڃن سان پاڪستان ۾ جيڪا به دهشتگرد آهن انهن سان مقابلي وڌيڪ آساني ٿيندي.هن چيو ته افغان ۽ آمريڪي پڻ محسوس ڪري رهيا آهن ته ضرب عضب سان جيڪو دهشتگردن جو انگ هو ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *