ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي، نگران وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪينجهر ڍنڍ جي پاڻي جي سطح ٺيڪ رکو پاڻي جي کوٽ آهي ته مئنجمينٽ ڪريو هن اها ڳالهه سومر تي وزيراعليٰ هائوس ۾ آبپاشي جي مسئلن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري اعجاز خان، آبپاشي سيڪريٽري جمال شاهه، ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي تي غور ڪيو ويو اجلاس کي خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪيو وڃي هن جمال شاهه کي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بدين ۽ ٻيا تيل، انڊ ۾ پاڻي جي قلت کي منظم ڪندي علائقن ۾ پاڻي پهچايو اجلاس ۾ جمال شاهه سنڌ جي نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيوت ه سنڌ کي هن وقت 36 هزار 450 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي جيڪو شهر جي حساب سان 35 سيڪڙو ٿئي ٿو جڏهن ته معاهدي جي حسابس ان 1 لک 6 هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي ملڻو آهي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريندي چيو ته 15 جون تائين پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي ويندي ان موقعي تي رضوان ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي نگراني مان پاڻ ڪيان ٿو ڪراچي کي باقاعده پاڻي ملي رهيو آهي جتي پاني جي کوٽ آهي اتي ٽينڪرز ذريعي پاڻي پهچايو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *