ملڪ جي هاڪاري تاثر لاءِ مضبوط پرڏيهي پاليسي ضروري آهي: ناصر الملڪ

اسلام آباد (بيورو) نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ چيو آهي ته پاڪستان جو هاڪاري تاثر اجاگر ڪرڻ لاءِ مضبوط پرڏيهي پاليسي اڻٽر آهي. نگران وزيراعظم ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي ۽ ناڻي واري وزارت طفان نگران وزيراعظم کي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي، عالمي سڌارن ۽ معاشي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ چيو ته  پاڪستان جو هاڪاري تاثر اجاگر ڪرڻ لاءِ مضبوط پرڏيهي پاليسي اڻٽر آهي. نگران وزيراعظم وقت تي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سمورا گهربل فنڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *