لاهور ( بيورو ) سپريم ڪورٽ پنجاب جي 56 ڪمپنين ۾ ڪرپشن بابت پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي جواب کي رد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار 56 ڪمپنين جي ڪيس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي فوري طور طلب ڪيو. ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته شهباز شريف کان پڇا ڪئي وڃي ته ڪيستائين عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ 56 ڪمپنين ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار شهباز شريف کي فوري طور طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس چيو ته شهباز شريف عدالت اچي ۽ ٻڌائي ته کيس ڪمپنيون ٺاهڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته شهباز شريف جو 56 ڪمپنين سان سڌو سنئون ڪو به تعلق ناهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سندس ڪردار کانسواءِ مک به نه اڏندي آهي، توهان هن کان پڇو ته ڪڏهن عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو، هن کان ئي پڇنداسين ته ڪيئن ملازمن کي ايتريون پگهارون ڏنيون ويون. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڪامورا شاهي مان بند کڻي سي اي او لڳايا ويا،جن کي 12، 12، 15، 15 لک رپين تائين پگهارون جاري ڪيون ويون. سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف پيش ٿيو ته چيف جسٽس سوال ڪيو توهان عوام سان ڪهڙو واعدو پورو ڪيو آهي. شهباز شريف چيو ته مان اربين رپين جي بچت ڪئي آهي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته مجاهد شير دل کي ايتري پگهار ڇو ڏني وئي. شهباز شريف چيو ته اهڙيون ڪمپنيون ماضي ۾ به ٺاهيون ويون، توهان مون کي موقعو ڏيو هر سوال جو جواب ڏيندس. چيف جسٽس چيو ته توهان نه به ڳالهايو پوءِ به توهان کي جواب ڏيڻو پوندو. چيف جسٽس شهباز شريف جي جواب کي رد ڪري ڇڏيو. شهباز شريف چيو ته توهان منهنجي جواب مان مطمئن نه آهيو ته ڀلي فيصلو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪرپشن ثابت ٿي ته مان سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان.