ڪراچي(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪراچي کان خيبر تائين رڳو تير هلندو. بلاول هائوس پ پ چيئرمين جي صدارت هيٺ سليڪشن بورڊ جو اجلاس هلندڙ آهي، جنهن ۾ آصف علي زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ فريال ٽالپر سوڌو ٻين جي شرڪت بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته ملڪ جي مسئلن جو حل رڳو پيپلزپارٽي وٽ آهي، ايندڙ چونڊن ۾ عوام مخالفن کي رد ڪري ڇڏيندو سندس چوڻ هو ته پختونن کي سڃاڻپ پيپلزپارٽي جي حڪومت ڏياري ۽ ايندڙ حڪومت به هو عوام جي ڀرپور خدمت ڪندا.