ٻارن کي علاج جي نالي تي ملالا جيان پرڏيهه نه موڪلينداسين: جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته خطرنا/ڪ مرضن ۾ مبتلا ٻارن کي ملالا يوسفزئي جيان علاج لاءِ پرڏيهه نه موڪلينداسين. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ فيمي ليئل هائيپر ڪوليسٽروليميا نالي بيماري ۾ مبتلا ٻارن تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻارن کي علاج جي نالي تي ملالا يوسفزئي جيان پرڏيهه نه موڪلينداسين، ٻڌڻي ۾ عدالتي حڪم تي ڪميٽي جو سربراهه ڊاڪٽر اياز پيش ٿيو ۽ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي.  هن چيو ته عدالت طرفان پرڏيهه مان مشين گهرائڻ تي ٿورائتا آهيون، ٽن هفتن ۾ مشين پاڪستان پهچي ويندي جنهن تي چيف جسٽس چيوته ان جو ڪريڊٽ صحت واري وزير ڏانهن وڃي ٿو جنهن جي ڪاش سان ايتري جلدي مشين اچي رهي آهي.  ان موقعي تي مرض ۾ مبتلا سحرش چيو ته هو ۽ سندس ڀاءُ اهڙي بيماري ۾ مبتلا آهن جنهن جو پاڪستان ۾ علاج ممڪن ئي ناهي. چيف جسٽس کيس خاطري ڪرائيندي چيو ته توهان ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جو علاج پاڪستان ۾ ئي ٿيندو ۽ ان ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ٿيڻ ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته هاڻ علاج جي نالي تي ٻارن کي ملالا جيان پرڏيهه نه موڪلينداسين، عدالت ڊريپ کي بيماري جي دوا ڪوليسٽرامن رجسٽرڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس مشين جي تنصيب، دوا جي رجسٽريشن ۽ ٻين بندوبستن جي حوالي سان ٻن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *