نواز شريف گذريل 5 سالن ۾ ماڻهن کي نوڪريون به ڏئي سگهيو ته اڳتي ڇا ڏيندو: نفيسه شاهه

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته نواز شريف گذريل پنجن سالن ۾ ماڻهن کي نوڪريون نه ڏئي سگهيو ته اڳتي ڇا ڪندو، بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ٻئي ڀائر ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نواز شريف جي تقرير تي رد عمل ڏيندي ڪيو. نفيسه شاهه چيو ته غريبن کي گهر ڏيڻ جو واعدو نواز شريف پوئين اليڪشن ۾ به ڪيو هو پر هو پنهنجو اهو واعدو به عوام سان پورو نه ڪري سگهيو. نواز شريف تي ڇتي تنقيد ڪندي پ پ اڳواڻ چيو ته حڪمرانن پنجاب جو مٺو پاڻي گندو ۽ زهريلو ڪري ڇڏيو، شريف خاندان جي ترجيح ميگا پراجيڪٽس آهن جنهن ۾ اربين ڊالرن جي ڪميشن هجي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي انصاف جو ڳاٽ اونچو ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو هو؟ نواز شريف 80 پيشيون ڀوڳيون پر لنڊن فليٽن جو حساب نه ڏنو، هن وٽ ڪو به ثبوت موجود ناهي، عام چونڊن ۾ واضح ٿي ويندو ته قوم ڪنهن سان گڏ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *