نواز شريف سميت اهم شخيصتن کان پورٽوڪول جون اضافي گاڏيون واپس ورتيون ويون

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ(ن) جي حڪومت جو آئيني مدو ختم ٿيندي ئي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کان پروٽوڪول جو ن اضافي گاڏيون واپس ورتيون ويون جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير راڻا ثناءَ الله سميت ٻين وزيرن کان به لگزري گاڏيون پڻ واپس ورتيون ويو آهن. سپريم ڪورٽ اسمبلي ٽٽندي ئي شهباز شريف ۽ راڻا ثناءِ الله سميت پنجاب اسمبلي جي ٻين ميمبرن کان اضافي گاڏيون واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو هيو. ان کان سواءِ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کان اضافي پروٽول گاڏيون واپس ورتيو ويون آهن.اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ پيش ٿيڻ لاءِ جوڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد پهتو ته سندس قافلي ۾ پروٽوڪول ڪيتريون ئي گاڏيون موجود نه هيون، ان کان سواءِ  سندس قافلي ۾ جيمر واري گاڏي پڻ نه هئي. ٻئي پاسي پنجاب ۾ وزيرن کان پنجاب اسمبلي ۽ سيڪريٽريٽ کان آفيسن جو قبضو پڻ واپس ورتو ويو، جڏهن ته 122 وزيرن ۽ ميمبرن 55 گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون. قانون واري جي تحت 15 ڏينهن تائين سرڪاري گاڏي رکي سگهن ٿا پر اڳوڻي صوبائي وزير راڻاءِ ثناءَ الله سميت ٻين وزيرن عدالت حڪم بعد لگزري گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون آهن. اسمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي ايم پي اي هاسٽل ۽ پيپلز هائوس پڻ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ ايڊمنسٽريشن ميان نعيم جي سبراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اسمبلي ميمبرن کان ۽ وزيرن جي استعمال هيٺ سرڪاري شئين جو ريڪارڊ جوڙييندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *