سچل سرمست جي عرس تي آيل پانڌيئڙن سان هانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش،5 ڄڻا فوت،4 زخمي

خيرپور ( رپورٽ؛ شاهد نواز سيال)  سچل سرمست جي عرس تي آيل پانڌيئڙن جي واپسيءَ تي هانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش ، لاڙڪاڻو خيرپور رود تي ٽرالر جو مزدا کي زوردار ٽڪر، 5 پانڌيئڙا ٿڏي تي فوت، 4 زخمي ، ٽرالر ڊرائور گرفتار ،فوتي ۽ زخمين کي وارث لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي ويا ،  خبر موجب صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جي 197 عرص تي آيل پانڌيئڙن جي واپسيء تي  خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي  تيز رفتار ٽرالر جو مزدان کي زوردار ٽڪر ، هانء ڏاريندڙ وقعي ۾ 2  پانڌيڙا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ، جڏهن ته3 ڄڻا انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيا ويا ،17 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، فوت ٿيندڙن ۾  50 ساله شڪارپور واسي  وڏيرو شر ۽ 40ساله  شاتو بروهي ڳڙهي ياسين وسي ٻڏايا پيا وڃن  ،جڏهن ته فوت ٿيلن جا مڙهه اڳڙا پوليس ضروري ڪاروائي بعد  وارثن حوالي ڪري ڇڏيا  ، زخمين ٿيندڙن  کي سندن وارث لاڙڪاڻي اسپتال علاج لاء کڻائي ويا ، اڳڙا پوليس موجب واقعو تيز رفتاري سبب پيس آيو آهي  ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مزدا جو ڊرائيور  گمبٽ جي رهواسي بابر سروهي کي زخمي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي  هوڏانهن سچل سرمست جي پانڏيئڙن فوت ٿي ويلن جا مڙهه سندن گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو  ٻئي پاسي زخمي ٿيندڙ جي وارٿن ۾ مايوسي جي لهر ڏسڻ ۾ آئي  سچل جي پانڌيئڙن سان هانء ڏاريندڙ وقعو پيش اچڻ تي خيرپور ضلعي انتضاميان ، سياسي سماجي اڳواڻن مان ڪو به سندن همدرديءَ لاءِ  پهچي نه سگهيو هيو پوليس فقط ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڃڻ ته پنهجو فرص ادا ڪري ڇڏيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *