منهنجا الفاظ ياد رکو!چونڊون مقرر وقت ۽ شفاف ٿينديون:نگران وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس ناصرالملڪ نگران وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻي ورتو ان کان صدر ممنون حسين حلف ورتو تفصيل موجب موجوده حڪومت پنهنجا پنج سال مدو پورو ڪري گذريل رات 12 وڳي ختم ٿي ويئي جنهن کان پوءِ نگران وزيراعظم جي حلف کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جتي صدر ممنون حسين اڳوڻي چيف جسٽس ناصرالملڪ کان نگران وزيراعظم جو حلف ورتو تقريب ۾ شاهد خاقان عباسي سميت اڳوڻي ڪابينه ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سينيٽ جا چيئرمين ۽ ميمبر صوبائي گورنر جج ۽ هٿياربند فوج جا سربراهه به شريڪ ٿيا. اڳوڻو چيف جسٽس ناصرالملڪ وزارت اعظميٰ جو حلف سنڀالڻ کان پوءِ پنهنجي ڪابينا جوڙڻ جو ڪم مڪمل ڪندو حلف کڻڻ کان پوءِ هٿياربند فوج جي دستن نگران وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم شآهد خاقان عباسي کي وزيراعظم هائوس ۾ ٻنهي هٿياربند فوج جي دستن گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته شاهد خاقان عباسي وزيراعظم هائوس مان روانگي تي پنهنجي عملي سان به الوداعي ملاقاتون ڪيون.اسلام آباد (اين اين آءِ) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ چيو آهي ته جنهن ڪم لاءِ آيا آهيون پنهنجي اها ذميواري پوري ڪنداسين. نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته منهنجا الفاظ ياد رکو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي ويندي تاڪه بروقت شفاف چونڊون ڪرائي سگهجي. هن چيو ته ڪابينه مختصر رکندس جنهن جو اعلان صلاح مشوري کان پوءِ ڪيو ويندو. ان کان پهريان نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ ڇنهنجي عهدي جو حلف کنيو ايوان صدر اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم جي تقريب حلف برداري منعقد ٿي. صدر مملڪت ممنون حسين نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ کان ان جي عهدي جو حلف ورتو جنهن کان پوءِ ان کي گارڊ آف آرنر ڏنو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *