اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف جي تاحيات نااهلي خلاف نظرثاني جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ خواجه آصف جي تاحيات نااهلي جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي عثمان ڊار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خواجه آصف وفاقي وزير هوندي پرڏيهي ڪمپني ۾ نوڪري ڪندو رهيو آهي، سندس اهو قدم مفادن جو قدم آهي. جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته ڇا مفادن جي ٽڪراءَ سان نااهلي ٿي سگهي ٿي، دنيا ۾ مفادن جي ٽڪراءَ تي گهڻو بحث ٿيو آهي، آمريڪي صدر ٽرمپ جي نياڻي حڪومتي معاملن ۾ ذميواريون سر انجام ڏيندي آهي ۽ سندس ناٺي پنهنجو ڪم ڪندو آهي تنهن ڪري ڇا مفادن جي ٽڪراءَ تي نااهلي ٿيڻ گهرجي يا وري عوام عهديدارن کي وارننگ ڏني وڃي. خواجه آصف جي وڪيل چيو ته آرٽيڪل 184 ٿري جي ڪيس ۾ شاهدين جو بار درخواستگذار جي ڪلهن تي هوندو آهي، هر ڀل يا غلطي تي آرٽيڪل 62 ون ايف لاڳو نه ٿو ٿي، جتي حقيقتون قبول ڪيون وڃن ته پينلٽي نااهلي ٿي سگهي ٿي، قانون تحت اثاثن جا ذريعا ٻڌائڻ لازمي ناهي، اثاثو اهو ئي ٿيندو جيڪو پگهار مان بچت ٿيندو. سپريم ڪورٽ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف جي نااهلي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.