اصغر خان ڪيس، حڪومت ماتحت ڪميٽي جوڙي ڀڄي ويئي، چيف جسٽس

لاهور (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل استر اوصاف جي غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ايڏو اهم ڪيس لڳل آهي پر اٽارني جنرل کي پرواهه نه آهي حڪومت به هڪ ماتحت ڪميٽي ٺاهي ڀڄي ويئي گذريل ڏينهن چيف جسٽس جي سربراهي ۾ خاص بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اصغر خان فيصلي تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش نه ٿيو ان جي جاءِ تي ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته گذريل ڏينهن ڪابينه جي اجلاس ۾ ڪهڙو فيصلو ٿيو جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ڪابينه مثبت فيصلو ڪيو آهي ۽ اٽارني جنرل پيش ٿي عدالت کي آگاهه ڪندو اشتر اوصاف جي پيش نه ٿيڻ تي چيف جسٽس ڪاوڙ ڪندي چيو ته ايترو اهم ڪيس لڳل آهي پر اٽارني جنرل کي پرواهه نه آهي جسٽس ريمارڪس ڏنا ته وفاقي ڪابينه اصغر خان ڪيس عملدرآمد جي معاملي تي ڪو فيصلو ناهي ڪيو ڪيترن ئي سالن کان هي ڪيس پيو آهي ڇا ڪابينه جو هي ڪم هوندو آهي؟ ان سان گڏ ئي اڄ ڇنڇر 2 جون تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *