عمران خان ٽڪيٽ ڏني ته قائم علي شاهه کي بدترين شڪست ڏيندس؛پي ٽي آءِ اڳواڻ ديدار جتوئي

خيرپور ( ڳالهه ٻولهه:شاهد نواز سيال/ فرحان ميتلو ) پي ٽي آءِ سنڌ جي نائب صدر ديدار خان جتوئي پنهنجي رهائشگاه تي نواءِ سنڌ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  نگران حڪومت آزاد ۽ شفاف  آهي اميد ته  اليڪشن به آزاد ۽ شفاف ٿيندي ،  عام چونڊن دوران سنڌ ۾ پ پ مخالفن ، جي ڊي اي سان ، ايم ڪيو ايم سان اتحاد ٿي سگهي ٿو ،مون خيرپور ۽ سکر جي سيٽن تي اميدوار طور  پي ٽي آئي کي درخواستون جمع ڪرايو آهن جيڪڏهن  عمران خان مون کي ٽڪيٽ ڏني ته مان اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاه سان مقابلو ڪري کيس بدترين شڪست ڏيندس  ڇو ته خيرپور ضلعي ۾ اسان جا  اڪثريت ۾ ذاتي ووٽ آهن افسوس اهو آهي ته اسان جي ووٽ ته هميشه کٽي ايندڙ ئي اسان سان انتقامي ڪاروئن ۾ شامل آهن پر هن ڀيري کين تاريخي شڪست ڏئي هميشه لاء سبق سيکاريندس  هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جو دور ختم ٿي چڪو آهي  پي ٽي آئي جو مستقبل روشن آهي ايندڙ اليڪشن ۾ وفاق سميت  پاڪستان جي چئني صوبن ۾ حڪومت پي ٽي آء جي هوندي ، پ پ ۽ ن ليگ هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن آهن جيڪي ڪرپشن ۾ بدنام ٿي چڪا آهن عوام ووٽ جي ذريعي پي ٽي آء کي ڪامياب ڪندو، هن چيو ته  پ پ ۽ ن ليگ جي اقتدار ٽٽن سان ئي پي ٽي آئي ۾ هر روز شموليت جا اعلاڻ ٿيڻ  اسان جي چٽي ڪاميابي آهي  ديدار علي جتوئي  هن ڀيري سنڌ کي ڪرپشن کان پاڪ ۽ صاف ڪرڻ جو وقت ويجهو آهي عوام سمجهداري جو مظاهرو ڪري ، هن چيو ته ڌانڌلي ڪرڻ وارن کي خبردار ڪرڻ ٿو چاهيان ته هو انهن خوبن کان ٻاهر اچي وڃن هاڻي خوابن جو دور ختم ٿي چڪو آهي حقيقت ۾ ووٽ جو حقدار عوامي خدمت ڪندڙ آهن نڪي ڪرپشن ڪندڙ آهن  هن چيو ته سکر ۾ مخالف ڌر اڳواڻ  وٽ ناء وڏو پر ديهه ويران وارو سلسلو آهي  هن پنهجو وقت عوام جي خدمت بجاء پنهجي زاتي مفادن ۾ وڃائي ڇڏيو آهي پر هاڻي وري عوا۾ وٽ ضرور ويندو پوء عوام مان به اهڙي موٽ جي اميد رکي  ،،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *