پيرس(م ڊ) ليبيا جا مختلف سياسي گروپ ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ 10 ڊسمبر جي تاريخ تي متفق ٿي ويا آهن.
جرمن نشرياتي اداري موجب فرانسيسي گادي واري شهر پيرس ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ليبيا جي چار مختلف ۽ سڀ کان طاقتور ۽ بااثر سياسي گروپن جي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته اليڪشن جي نتيجن کي تسليم ڪيو ويندو ۽ ان تي پڻ راءِ ڏيڻ جي عمل لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويندا.
واضح رهي ته اڳوڻي صدر معمر قذافي جي 2011ع ۾ مارجي وڃڻ کانپوءِ ليبيا سياسي ڇڪتاڻ جو شڪار آهي.