پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم هيڊ نگلي۾ پهرين پريڪٽيشن ۾ حصو ورتو

ليڊز (اين اين آءِ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم هيڊنگلي ۾ پهرين پريڪٽيشن ۾ حصو ورتو تفصيل مطابق سرفراز احمد جي قيادت ۾ تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پهرين ٽيسٽ 9 وڪيٽ تان کٽڻ کان پوءِ گرين شرٽس اڱاري جي شام ليڊز پهتي جتي جمعي کان هيڊنگلي گرائونڊ تي هو انگلينڊ سان ٻي ٽيسٽ ۾ مدمقابل ٿيندي قومي ٽيم هيڊنگلي تي پهرين پريڪٽيشن ۾ حصو ورتو هيڊنگلي انگلش ڪائونٽي يارڪوشائر جو هوم گرائونڊ آهي ان ميدان تي پاڪستان انگلينڊ کي صرف هڪ ٽيسٽ مئچ ۾ شڪست ڏني آهي جولاءِ 1987 ۾ عمران خان جي اڳواڻي ۾ ٽيم پاڪستان اننگز ۽ 18 رنسن تان فتح حاصل ڪئي هئي هيڊنگلي تي پاڪستاني جيڪي 10 ٽيسٽون کيڏيون آهن ان کي ٻه ۾ فتح ۽ پنجن ۾ شڪست کائڻي پئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *