اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثن بابت نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران خانگي بينڪ جي آفيسر مسعود الغني تي وڪيل صفائي جي جرح مڪمل ٿي وئي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. واضح رهي ته 24 مئي تي فريادي جي شاهد مسعود الغني جو بيان ريڪارڊ ڪيو ويو هو ۽ وڪيل صفائي جرح جو آغاز ڪيو هو، پر هو مڪمل نه ٿي سگهيو. اڄوڪي ٻڌڻي ۾ وڪيل صفائي قاضي مصباح شاهد مسعود الغني تي جرح مڪمل ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران ايڊوڪڪيٽ حشمت حبيب جي سهڪاري وڪيل عدنان شجا عمري تي وڃڻ جي لاءِ عدالت کان اجازت ورتي. جنهن تي جج محمد بشير ريمارڪس ڏنا ته پهرين ئي جوابدار جو سينيئر وڪيل حشمت حبيب بيماري جي ڪري ناهي اچي رهيو، ٽرائل جاري آهي، ان مرحلي ۾ توهان ڪيئن ٿا وڃي سگهو؟ ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر عمران شفيق چيو ته اهو ٽرائل سپريم ڪورٽ جي هدايت تي هلي رهيو آهي، اِهي سڀ دير ڪرڻ وارا حرٻا آهن ۽ ڪيس کي هلڻ نه پيو ڏنو وڃي. نيب پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته 4 ٻڌڻي ۾ هڪ شاهد تي جرح مڪمل ناهي ٿي سگهي. جج محمد بشير سهڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته حشمت حبيب ڪڏهن ايندو؟ ۽ ڪڏهن جرح ڪندو؟ جنهن تي سهڪاري وڪيل عدنان شجاع جواب ڏنو ته حشمت حبيب جيئن ئي بهتر ٿيندو اچي ويندو. بعد ۾ اسحاق ڊار جي خلاف اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو، فرديادي جي ٻئي شاهد محمد عظيم تي جرح وقفي کان پوءِ ٿي.