ڪي اليڪٽرڪ جي ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي(م ڊ) ڪي اليڪٽرڪ دعويٰ ڪئي آهي ته بن قاسم پاور پلانٽ ۾ پرزو لڳائڻ بعد اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي. ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن دوران ڌرين جي وڪيلن جي وچ ۾ سخت ڏند چڪ ٿي. ٻڌڻي جي موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪٽو  آفيسر ( سي اي او) جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بن قاسم پاور پلانٽ جي خرابي تي چند علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي پر پلانٽ ۾ پرزو لڳڻ بعد اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي. ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ لوڊمينيجمينٽ ڪئي پئي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ واعدي موجب سيڙپڪاري ڪئي آهي. عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي جواب تي درخواستگذار کان جواب طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدالت نيپر  کي پنهنجي ئي هدايت تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم جي باوجود نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف ڪارروائي پاسو ڪري رهي آهي. عدالت درخواستگذار جي موقف تي نيپرا کان 12 جون تي تفصيل طلب ڪري ورتي. ٻئي پاسي ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سڄي شهر ۾ بجلي جي فراهمي معمول جي موجب آهي ۽ علائقي فالٽ جي بروقت درستگي جي لاءِ عملو موجود آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *