اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪيمشن چيو آهي ته تڪبندين بابت عدالتي فيصلي جي ڪري چونڊون دير سان نه ٿيندو ۽ عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نئين تڪبندين جي فيصلن تي آئيني ۽ قانوني پاسن جو جائزو وٺي ڇڏيو آهي ۽ ان نتيجا تي پهتا آهيون ته عدالت تڪبندين بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار نٿي ڏئي سگهي، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اسيمبلي جون مدو پورو ٿيڻ جي 60 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي، تڪبدين بابت عدالتي فيصلن سبب عام چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، اليڪشن ڪميشن ڪجهه ڏينهن ۾ عام چونڊن جو شيڊول جاري ڪندي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جهلم، جهنگ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۽ لوئر دير جون تڪبنديون ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ٻڌي ٻيهر تڪبنديون ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.