ملڪ ۾ 90 سيڪڙو صارفن کي بجلي ڏني پئي وڃي: وزير اعظم جي دعويٰ

حويليان(م ڊ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي عوام تي زور ڏنو آهي ته 25 جولاءِ تي عام چونڊن جي ڏينهن ووٽ ڏيڻ وقت هو حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن جي ڪارڪردگي کي ذهن ۾ رکن. شاهه مقصود حويليا موٽر وي ۽ حويليان ٿاڪوٽ ايڪسپريس وي منصوبي تي جاري ڪم جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته عوام درست چونڊ ڪئي آهي، ان ڪري ترقي ٿي رهي آهي، نواز شريف جيڪي به واعدا ڪيا انهن کي پورو ڪيو. هن چيو ته اسان جيڪي به منصوبا شروع ڪيا، انهن کي مڪمل به ڪري ڏيکاريو. وزير اعظم چيو ته اسان جي ڪوشش هئي ته حڪومت مدو پورو ڪري، هاڻ 25 جولاءِ تي اليڪشن ٿيندي ۽ عوام جيڪو به فيصلو ڪندو اهو ئي قبول هوندو. گڏوگڏ هن قوم کي مخاطب ڪندي چيو ته 25 جولاءِ تي فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي،  توهان سياست جي واڌ ويجهه جو بهتر فيصلو ڪندا. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي مخالف ڌر پارٽين خاص ڪري پاڪستان تحريڪ تي تنقيد ڪندي چيو ته مون کي نظر نٿو اچي ته ماڻهو ڌرڻو هڻندڙن کي ووٽ ڏيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *