عالمي طاقتون چونڊون تار تار ڪرڻ چاهيون ٿيون: اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته عالمي طاقتون عام چونڊن کي تار تار ڪرڻ چاهن ٿيون. سينيٽ جي گهرو ڪميٽي ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب فتح محمد چيو ته عام چونڊن جي موقعي تي وڏي پيماني تي سيڪيورٽي خطرا آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن جي لاءِ پريشان جو سبب آهن پر چونڊن جي موقعي تي فوج مقرر ڪرڻ جو هن وقت تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو. سينيٽر رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سينيٽر ميان عتيق، اعظم موسيٰ خيل، چوڌري تنوير، جاويد عباسي، ڪلثوم پروين، اسد علي جوڻيجو، اعظم سواتي ۽ غفور حيدري شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ نادرا جو چيئرمين، چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي پوليس اسلام آباد، ايڊيشنل آءِ جي پوليس پنجاب ۽ اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري موجود هئا. ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته عالمي طاقتون عام چونڊن کي تار تار ڪرڻ چاهن ٿيون، پوليس جي سيڪيورٽي ناڪافي آهي، صوبن ڏانهن پاڪ فوج جي خدمتن جو مطالبو اچي رهيو آهي، سيڪيورٽي خطرن تي ڪميٽي کي ان ڪيميرا بريفنگ ڏني وڃي، ملڪ ۾ 20 هزار پولنگ اسٽيشنون حساس قرار ڏنيون ويون، حساس پولنگ اسٽيشنن ۾ ڪيميرائون لڳايون وڃن، ڪيميرا سان سيڪيورٽي ۽ اليڪشن عملي کي مانيٽر ڪيو سگهبو، سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪ فوج جي خدمتن جو مطالبو اچي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته پاڪ فوج سان سيڪيورٽي  تي اجلاس ٿي چڪا آهن، پاڪ فوج اوڀر ۽ ڏکڻ بارڊر تي مصروف آهي، ڪيميرائون لڳائڻ اڃان باقي آهي. ڪيميرائون لڳائڻ سان اليڪشن ۾ شفافيت ايندي. سيڪيورٽي جي لاءِ پوليس ناڪافي آهي. غور ڪيو پيو وڃي ته پاڪ فوج کي رڳو حساس پولنگ اسٽيشنن يا سمورين اسٽيشنن تي مقرر ڪيون. هڪ تجويز آهي ته سمورين پولنگ اسٽيشنن تي فوج مقرر ڪئي وڃي. ڪميٽي اليڪشن ڪميشڻ طرفان 20 هزار پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳائڻ جي حوالي سان سوال ڪيا جڏهن ته ڪميٽي چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کان ان ضمن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪميٽي جي ميمبرن اليڪشن جي ڏينهن ڊيوٽي انجام ڏيندڙ اسٽاف کي ماني ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اسٽيڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته گڏيل طور تي سڄي ملڪ ۾ 85 هزار پولنگ اسٽيشنون آهن ۽ جيڪڏهن هر پولنگ اسٽيشن تي 4 کان 5 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا وڃن ته 3 لک پوليس اهلڪار گهربل هوندا. هن وقت تائين اليڪشن واري ڏينهن فوج کي مقرر ڪرڻ جي باري ۾ ڪو به حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو. ڪميٽي چيو ته اليڪشن ۾ نتيجا تبديل ڪيا ويندا آهن، پولنگ اسٽيشنن تان نتيجا ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ڏانهن ويندي تبديل ڪيا ويندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *