حڪومت ۽ اپوزيشن جو نگران وزيراعظم لاءِ جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ جي نالي جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) حڪومت ۽ اپوزيشن نگران وزيراعظم لاءِ جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ جي نالي جو اعلان ڪيو آهي، سومر تي اهو اعلان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ اپوزيشن ليڊر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته اڄ فخر سان چئي سگهان ٿو ته جمهوريت جي فتح ٿي آهي، پارليامينٽ جي فتح ٿي آهي، وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر اپوزيشن سان مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو آهي، هي تاريخي فيصلو آهي ۽ هي ايندڙ ڏينهن ۾ ثابت ڪندو ته پاڪستان ۽ جمهوريت جي حق ۾ هو، هي فيصلو ان تسلسل جي حق ۾ آهي جنهن جي اسان سڀني کي خواهش آهي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ اهم ڏينهن آهي، نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ٿيو آهي، 6 ڏينهن کان مشاورت جاري هئي، منهنجون ۽ اپوزيشن ليڊر جون ڪيتريون ملاقاتون ٿيون، هن پنهنجي ليڊرشپ سان مشاورت ڪئي، اسان به مشاورت ڪئي ۽ اهو عمل جاري رهيو، ان ۾ فيصلو ڪرڻ آسان نه هو پر مان اپوزيشن ليڊر ۽ ان جي پارٽي ۽ ٻين اپوزيشن جو ٿورائتو آهيان جو الحمد الله اتفاق ٿي ويو آهي، اسان اهو سمجهون ٿا ته هڪ اهڙي شخص جي چونڊ ڪئي وئي آهي جنهن جو ماضي واضح آهي ۽ ان جو ڪردار نگران وزيراعظم ملڪ ۽ جمهوريت جي حق ۾ هوندو، هن چيو ته خاص طور تي اسپيڪر جو ٿورائتو آهيان جنهن آئيني نموني اسان جي مدد ڪئي، ان اتفاق را ۾ ان جو به ڪردار آهي، پهرين ڏينهن چيو هو ته جيڪو فيصلو شاهه صاحب ڪندو اهو ئي هوندو، ان موقعي  تي سيد خورشيد شاهه چيو ته مان اسپيڪر اياز صادق ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا ٿورا مڃان ٿو، هن چيو ته اسپيڪر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄ تاريخي ڏينهن آهي، هن چيو ته تبصرا ٿيندا رهيا،ميڊيا ۾ اهو به ايندو رهيو ته سياستدان فيصلا نٿا ڪن، فيصلا پارليامينٽ کان ٻاهر ٿين ٿا، هن چيو ته اسان وٽ عزت ڀريا ۽ احترام جوڳا ماڻهن جا نالا آيا ۽ سمورا لائق ماڻهو آهن انهن جي ڪردار تي ڪو به شڪ نه آهي، ڪوشش رهي ته اسان فيصلو ڪيون ۽ اهڙو فيصلو ٿئي جيڪو پاڪستان عوام ۽ پارليامينٽ ۾ ٻين پارٽين کي منظور هجي، هن چيو ته مون کي پنهنجي پارٽي جي گائيڊ لائين ملي، ان جي مدد شامل رهي، هن چيو ته پ پ اپوزيشن سان رابطا ڪيا، ڪجهه پارٽين نالا ڏنا ۽ ڪجهه پارٽين اخبارن جي مدد سان نالا ڏنا، هن چيو ته منهنجي نظر ۾ اڄ تاريخي ڏينهن آهي، اسان جمهوري فيصلو ڪري رهيا آهن، وزيراعظم ۽ اسپيڪر ٿورائتو آهيان، هن چيو ته اسان تحمل سان جلد بازي کان هٽي فيصلو ڪيو آهي، خورشيد شاهه چيو ته نگران وزيراعظم لاءِ جيڪو نالو اڳيان آهي اهو احترام جوڳو آهي، ان موقعي تي هن نگران وزيراعظم لاءِ جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ جي نالي جو اعلان ڪندي چيو ته جسٽس ناصر الملڪ چيف جسٽس آف پاڪستان رهي چڪو آهي، ان جي پوزيشن سڀني جي اڳيان آهي، هن چيو ته دعا آهي ته الله جسٽس ناصر الملڪ کي جذبو ڏيندو ته 25 جولاءِ چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، هن ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف اليڪشن ڏيندو، سيد خورشيد شاهه چيو ته ملڪ مسئلن کان گذري رهيو آهي، هن ملڪ ۾ ڌانڌليون ٿينديون رهيون آهن، ناصر الملڪ تي ڳريون ذميواريون لاڳو ٿي رهيون آهن، پاڪستاني عوام ميڊيا ۽ سياسي جماعتون اميد ڪن ٿيون ته هو شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر جمهوريت 5 سال پورا ڪري رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *