بيجنگ (اين اين آءِ( چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته رياستي عملدار آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ جا پابند آهن، چين جي شنگهائي يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته رياست جا سمورا ٿنڀ ملڪ جي سلامتي، سيڪيورٽي ۽ وقار ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن، رياستي عملدارن کي پنهنجا اختيار انصاف جي اصولن، برابري، شفاف ۽ قانون موجب استعمال ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته پاڪستان جا رياستي عملدار آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ جا پابند آهن، اهو طئه ٿي چڪو آهي ته رياستي عملدارن کي حاصل اختيار بي لغام نه آهن، پاڪستان جي عدالت کي ايگزيڪيوٽو جي قدمن تي نظرثاني جو اختيار آهي ان ڪري عدليا ايگزيڪيوٽو جي اختيارن تي چيڪ اينڊ بيلنس مهيا ڪري ٿي، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ محروم طبقي کي تڪڙو انصاف فراهم ڪري عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿي آهي ۽ پاڻ کي بنيادي حقن جو نگران ثابت ڪيو آهي، بنيادي حقن جا ڪيس انصاف جي فراهمي ۽ انصاف تائين پهچ جو بهترين اختيار آهي، عوام جي مفاد جا ڪيس بنيادي حقن جو تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائين ٿا، سپريم ڪورٽ ڪجهه ڏينهن ۾ قانون ۽ ميڊيڪل جي تعليم ۽ ماحولياتي معاملن تي پاڻمرادا نوٽيس ورتا آهن