اسلام آباد(بيورو) عدالت عظميٰ ٻٽي شهريت جي بنياد تي نااهل ٿيندڙ پارليماني ميمبرن جي نظرثاني وارين درخواستن تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس اعجاز الاحسن جي لکيل 13 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ اڳوڻي سينيٽ جي ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 30 ڏينهن ۾ مالي مراتون واپس ڪرڻ جي مد ۾ في ڪس 5 لک رپيا سيڪريٽري سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي وٽ جمع ڪرائن. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڄاڻايل ڪيس 2 مئي تي ٻڌي مختصر فيصلو ٻڌايو هو جنهن جو لکت وارو فيصلو جاري ڪيو ويو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ريڪارڊ جو جائزو وٺڻ سان خبر پئي آهي ته 2008ع جي عام چونڊن دوران نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ٻٽي شهريت ظاهر ڪرڻ وارو ڪو به ڪالم موجود نه هو ۽ ڪجهه پارليماني ميمبر پرڏيهه ۾ ڄاوا آهن، ان ڪري انهن وٽ ٻٽي شهريت هئي. عدالت درخواست ڪندڙن خلاف ٻٽي شهريت جي بنياد تي داخل فوجداري ڪيس ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي اِهو قرار ڏنو ته ججن جي پينشن ڪيس واري فيصلي جي ڪري ٻٽي شهريت جي بنياد تي نااهل ٿيل پارليامينٽ ميمبرن کان مالي مراعتون ۽ خرچن جي مد ۾ خرچ ٿيل رقم جي واپسي واري معاملي ۾ عدالتي فيصلي تي نظرثاني ڪندي هر درخواستگذار في ڪس پنج لک رپيا هڪ مهيني ۾ جمع ڪرائي.