اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ 2018ع جي عام چونڊن لاءِ قومي اسيمبلي جي سيٽن جي نئين تڪبندين جو اعلان ڪيو ويو، سيٽن ۾ معمولي تبديلي ڪئي وئي آهي. 25 جولاءِ تي ملڪ ۾ مجموعي طور تي874 سيٽن تي چونڊ ٿيندي، قومي اسيمبلي جي 272 سيٽن تي نمائندن جي چونڊ ڪئي ويندي. اسلام آباد مان قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ هڪ سيٽ جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن بعد هاڻي سيٽون ٽي ٿي ويون آهن، پنجاب جي 297، سنڌ جي 130، ڪي پي جي 124، بلوچستان جي 51 سيٽن تي ووٽنگ ٿيندي. نين تڪبندين تحت بلوچستان جي قومي اسيمبلي ۾ ٻن تڪن جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن بعد بلوچستان مان قومي اسيمبلي جي 16 نمائندن جي چونڊ ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي جي تڪ بندين موجب پهريون تڪ هاڻي پشاور نه اين اي هڪ چترال هوندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ پنجاب جا تڪ راولپنڊي بدران اٽڪ کان شروع ٿيندا. لاهور جا تڪ اين اي 123 کان 136 تائين هوندا، جڏهن ته پنجاب جو آخري تڪ اين اي 195 راجن پور هوندو، ٻئي طرف پنجاب جون سيٽون 148 مان گهٽ ٿي 141 ٿي ويون آهن. سنڌ جي تڪن جي شروعات اين اي 196 ڊسٽرڪٽ جيڪب آباد کان ٿيندي جڏهن ته ڪراچي جا 21 تڪ اين اي 236 ملير کان اين اي 256 سينٽرل 4 تائين آهن. نين تڪبندين موجب بلوچستان جي تڪن جي شروعات اين اي 257 قلعا سيف الله کان ٿيندي جڏهن ته بلوچستان جو آخري تڪ اين اي 272 لسٻيلا گوادر هوندو.