ملير: (رپورٽ صابر شاهه) پاڪستان جي مسلمانن جي نشاني رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ مهانگائي چوٽ تي، کاڌي پيتي جي شين جو اگهه آسمان تي پڄي ويو، روضه دار پريشان ، انتظاميا غائب، تفصيل موجب: رمضان مهيني جي بابرڪت مهيني ۾ ملير جي ڪيترن ئي علائقن خاص ڪري گلشن حديد ۾ لڳندڙ پير بازار، بدهه بازار۽ جمعه بازار ۾ گلشن حديد ڪميٽي انتظاميا، قيمتون ڪنٽرولر ۽ بازارن جي ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان سبزي، فروٽ، مڇي، گوشت سميت روزانو استعمال ٿيندڙکاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل، گذريل سال ڊپٽي ڪمشنر ملير طرفان بازارن ۾ ڇاپا هڻي اگهن تي ڪنٽرول ڪيو ويو هو، اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر جي ڊپ سبب کاڌي پيتي جون شيون ريٽ لسٽ جي مطابق فروخت ٿي رهيون هنيون، مگر هن سال ضلع ملير بغير ڊپٽي ڪمشنر جي هلي رهيو آهي، جڏهن ته عارضي ڊي سي طرفان رمضان مهيني ۾ عوام کي ڪابه سهولت ڏيڻ ۾ دلچسپي نه هجڻ ڪري هتان جا ٺيڪيدار، اسٽال هولڊر، اگهن تي ڪنٽرول ڪندڙڪميٽيون ۽ سيڪريٽري گلشن حديد ڪميٽي عيد کان اڳ عيد ڪرڻ لڳا، عوام کي ڦرلٽ جو سلسلو جاري آهي، روضه دار مهانگائي هجڻ سبب پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا، ملير جي سماجي اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ بچت بازارن ۾ مهانگائي ختم ڪري عوام کي رمضان جهڙي مقدس مهيني ۾ سهولتون ڏنيون وڃن.