ڀارت جو ڪشن گنگا ڊيم سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ڪشن گنگا ڊيم جي تعمير کي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان نٿو چاهي ته آبي تڪرار ڪنهن خطرناڪ حد تائين وڃي پهچي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان محمد فيصل هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان هڪ پرامن پاڙيسري چاهي ٿو پر پنهنجي سالميت ۽ دفاعي ضرورتن تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهي. پاڪستان ۾ پڪڙيل ڀارتي نيوي جي حاضر سروس آفيسر ۽ جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ جولاءِ ۾ جواب جمع ڪرايو ويندو پر ان کي ڀارت جي حوالي سان هرگز نه ڪيو ويندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جي خلاف آهي پر ڀارت جي جديد هٿيارن جي خريداري خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب هوندي پر ملڪي دفاع کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن بندوبست ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪنٽرول لائن ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي جارحيتون جاري آهن جنهن تي موجوده پرڏيهي سيڪريٽري ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪيو ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي جارحيت سبب شهادتن تي احتجاج ڪيو.  ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته عالمي بينڪ سان ڪشن گنگا ۽ رتلي هائيڊرو منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي ۾ اٽارني جنرل اشترا اوصاف ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني وفد ڪشن گنگا ۽ رتلي منصوبن تي خدشن بابت آگاهه ڪيو، ۽ واضح ڪيو ته اهو منصوبو رڳو تڪرا ناهي پر پاڪستان جي بقاءِ جو مسئلو آهي.  ترجمان موجب پاڪستان ڪشن گنگا منصوبي وارو معاملو عالمي بينڪ جي سامهون موثر انداز سان کنيو پر عالمي بينڪ طرفان ناڪافي دليل چوڻ تي اهو معامو ختم نٿو ٿئي. هن چيو ته آمريڪا اتحادي امدادي فنڊ ۽ مالي امداد بند ڪري چڪو آهي پر آمريڪا طرفان پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي امداد جو سلسلو جاري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته آمريڪي سفارتڪارن جي هراسگي باتب ڪا به باضابطا شڪايت ناهي ملي. پرڏيهي کاتي موجب ڀارت ۾ اقليتن سان خراب سلوڪ جي مذمت ڪيون ٿا ڀار ۾ اقليتن سان ناروا سلوڪ جاري آهي، خاص ڪري مسلمانن سان نفرت ڀريو سلوڪ افسوس جوڳو آهي.  هن چيو ته ڀارتي جيلن مان 54 پاڪستاني قيدين جي جلد رهائي وارو معامو اٿاريو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان عام شهرين، مهاڻن ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر وارن جي آزادي جي تجويز به ڏني آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *