اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ پهرين ترجيح تصدق جيلاني نظر اچي رهيو آهي. اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نگران وزيراعظم سميت ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات کانپوءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي چوڌري نثار علي چيو ته ڪو به شڪ ناهي ته نگران وزيراعظم جو معاملو پارلياماني ڪميٽي حوالي ٿيندو. هن چيو ته ضروري ناهي ته تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪامياب ٿين. هن چيو ته عام چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻن ٻن تڪن تان چونڊ وڙهندس.