اسد دراني جي انڪشافن تي قومي سلامتي ڪميشن جو هنگامي اجلاس گهرايو وڃي: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف مطالبو ڪيو آهي ته جنرل(ر) اسد دراني جي ڪتاب ۾ ڪيل انڪشافن تي قومي سلامتي ڪميشن جو هنگامي  اجلاس گهرايو وڃي.  هن ذميدار قومي ڪيمشن جي قيام کي کي نا گريز قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙو ڪميشن ٺهڻ گهرجي جيڪو ملڪ سان ٿيندڙ هر سانحي ۾ جي جاچ ڪري، هن چيو ته قومي ڪميشن هن حڪومت ۾ ٺهيو ته ڪجهه عرصي بعد ضرور ٺهندو اهو هڪ نه هڪ ڏينهن ٺهڻو آهي.احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهايئندي نواز شريف چيو آهي ته سي پيڪ ۾ رڪاوٽ اچي ويندي ۽ منصوبو سست وري جو شڪار ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزير اعظم واضح ڪيو ته هاڻ معاملا اڳتي وڌندا ، پوئتي نه هٽندا، هي ايڪهين صدي آهي هن چيو ته بلوچستان ۾ حڪومت جي تبديلي ته پڻ ڪميشن ٺاهيو وڃي. نواز شريف سوال ڪيو ته پهريان هڪ معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويو هو، ڇا هاڻي به گهرايو ويندو؟  اهو ڪير آهي جيڪو ماڻهون ٽوڙي ٻي جماعت ۾ شامل ڪري رهيو آهي. نواز شريف چيو ته مان رڳو سياسي معاملن تي نه بنيادي انساني حقن تي پڻ ڳالهيون ڪندس. هن پڇاڻو ڪيو ته اهو ڪير آهي جيڪو ميڊيا  تي پابنديون مڙهي رهيو آهي ۽ آواز دٻائي رهيو آهي.  هن پڇاڻو ڪيو ته اهو ڪير آهي جيڪو ڪيبل آپريٽرن کي استعمال ڪري رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پرويز مشرف جو ٽرائل هڪ نه هڪ ڏينهن حتمي انجام تائين پهچندو ۽ ڪو به قانون ٽرائل کي نٿو روڪي سگهي. ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي جي موقعي ته احتساب عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف چيو ته پرويز مشرف جي ٽرائل مان جند آجي نٿي سگهي. اڄ يا 6 مهينن بعد پر مشرف جو ٽرائل انجام تائين پهچندو . اڳوڻي وزير اعظم چيو ته مشرف ٽرائل ۾ اوپن اينڊ شَٽ ڪيس آهي انڪري ڪري هو پاڪستان اچڻ کان لنوائي رهيو آهي، اهو سنگين غداري وارو ڪيس آهي جڏهن ته هڪ وزير اعظم 70،70 حاضريون کائي رهيو آهي ۽ ڊڪٽيٽر رپوش آهي. نواز شريف چيو ته پرويز مشرف عدالت ۾ حاضري وقت مُڪو ڏيکاريندو هو ۽ چوندو هو ته اها طاقت آهي، هن 12 مئي 2017 تي اسلام آباد جسلي ۾ ڪراچي ۾ آزمايل طاقت جو اظهار ڪيو ۽ پارليامنٽ ۾ پڻ آخر ۾ مُڪو ڏيکاريو.  اڳوڻي وزير اعظم چيو ته ڪاڏي ويو اهو مُڪو،  هو جيڪو ڪيسن کي منهن ڏيڻ کان ڊڄي ڪري ٻاهر لڪي وڃي ويٺو آهي ان کي گهرجي ته هاڻ اهو مُڪو پنهنجي منهن تي وهائي ڪڍي . پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مٿان تنقيد ڪندي نواز شريف چيوته عمران خان پارليامنٽ تي لعنتن جا لفظ استعمال ڪيا، جنهن مٿان لعنت وجهي رهيا هئا، ان مان ئي ڀرپور فائدو پڻ حاصل ڪيو. جيڪڏهن اهو غيرپارلياماني ناهي ته ان کي  چئبو آهي”ٿُڪي ڪري چٽي“ رهيا آهن. نواز شريف چيو ته عمران خان پارليامنٽ بابت پنهنجا لفظ ۽ عمل جي وضاحت پاڻ ڏيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *