وزير اعظم طرفان وفاق جي سمورن ملازمن کي 3 مهينن جي اعزازي پگهار ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي وفاقي حڪومت کي سمورن ملازمن کي 3 مهينن جي اعزازي پگهار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزير اعظم آفيس مان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت جي سمورن ملازمن کي 3 مهينن جي بنيادي پگهار موجب اعزازي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان ملازمن کي اعزازي پگهار ڏيڻ جي منظوري ڏني ۽ وفاقي ملامزن کي اهو اعزاز 30 مئي کان اڳ جاري ڪيو ويندو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزير اعظم طرفان ايتري وي انگ ۾ وفاقي ملازمن کي اعزازي پگهار جاري ڪئي ويندي. عام طور تي هر سال بجيٽسازي سان تعلق رکندڙ وفاقي ملازمن کي 3 مهينن جي بنيادي پگهار جي برابر اعزازي پگهار ڏني ويندي آهي پر هن ڀيري انهن ملازمن کي الڳ سان 4 مهينن جي پگهار جي برابر اعزازي پگهار ڏني ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *