ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي سڄي ملڪ مان سوڀاري ٿي آهي، گذريل پنجن سالن دوران ملڪ ۾ سموريون سڀئي جماعتون ڪمزور ٿيون آهن پر پيپلز پارٽي واحد سياسي جماعت آهي جيڪا ان دوران وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ اسانجي اها سوڀ ملڪ گير سطح تي ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻجندي. وفاقي حڪومت سنڌ کي جائز حصو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، وفاقي روينيو مان پنهنجي مرضيءَ جون ڪٽوتيون ڪري سنڌ کي جائز حق کان محروم رکيو ويو. مستقل نااهل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان ٽي شيون ورتيون هيون، خود مختياريءَ جي ضمانت اڃا تائين نه آهي. سنڌ جو نئون بجيٽ مثالي ۽ عوام دوست آهي، ڪوشش ڪئي آهي ته بجيٽ مان غريبن کي فائدو ۽ غربت جو خاتمو آندو وڃي. وفاقي حڪومت روايت مطابق سنڌ کي فنڊ گهٽ ڏنا جنهن ڪري ترقياتي ڪم متاثر ٿيندا آهن. هن اهڙيون ڳالهيون اڄ جمعي ڏهاڙي سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل اٺن ورهين کان پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهيان. وڏي وزير ٻڌايو ته اسيمبلي 28 مئي تي تحليل ٿي ويندي پوءِ نگران نظام ايندو ۽ نگران حڪومت ٻن مهينن ۾ عام چونڊون ڪرائيندي، جيڪڏهن چونڊيل نمائندا موجود آهن ته بجيٽ جو ڪم سندن ڪرڻو آهي. بجيٽ جا ٻه حصا ٿيندا آهن، هڪ سپليمنيٽري جيڪو وڌيڪ خرچ جي منظوري ڏيڻي پوندي آهي. هن چيو ته اسان سڄي سال جو بجيٽ پيش ڪيو آهي ۽ تصديق ٽن مهينن جي ورتي ويندي. بجيٽ تصديق 30 سيپٽيمبر تائين جي آهي ۽ نئين اسيمبلي 30 سيپٽمبر کانپوءِ جي تصديق ڏيندي. هن چيو ته گذريل سال وفاقي حڪومت 493 بلين رپيا بجيٽ ۾ ٻڌايا ۽ پوءِ نظرثاني ڪري 480 بلين رپيا ڪيا، جنهن مان 449 بلين رپيا اسانکي مليا آهن، نظرثاني ڪيل رقم مان 21.5 بلين رپيا گهٽ هئا. وڏي وزير صوبي ۾ هلندڙ سال 27 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندڙ روڊن ۽ شاهراهن جا تفصيلن سان آگاهي ڏيندي چيو ته سامارو جهڏو روڊ، جهرڪ ملان ڪاتيار روڊ، ٽنڊو آدم روڊ، نوابشاهه پڊعيدن روڊ، سانگهڙ جا روڊ، نوشهرو فيروز کان نوابشاهه سميت 41 وڏا روڊ بڻايا آهن. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 55 سيڪڙو زرعي پاڻي جي کوٽ آهي. وفاقي حڪومت نيشنل واٽر ڪميشن ۾ پاڻيءَ جي معاهدي تي عمل ڪرائڻ جي پڪ ڏياري هئي. وزيراعظم کي خط لکڻ باوجود سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي. اسان جي گهر آهي ته پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي. هن ٻڌايو ته آبپاشي کاتي ۾ اسان سڀ کان وڌيڪ واهن جي لائينگ تي ڌيان ڏنو آهي. اربين رپين جي لاڳت سان لائننگ وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن سان آبادگارن کي وڏو فائدو ٿي رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته مونکي سڀ کان وڌيڪ لائننگ لاءِ درخواست ڪئي ويندي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت واري شعبي ۾ اسان مثالي ڪم ڪيو آهي، دل جي بيمارين جا ست سيٽيلائيٽ سينٽر بڻايا ويا آهن. دنيا ۾ هڪ ڇت هيٺ ايتري پرائيمري اينجيو پلاسٽي ڪٿي به ناهي ٿيندي جيتري ڪراچي ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ ڪئي ويندي آهي. سموري پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو ٻارن جو ايمرجنسي سينٽر بڻايو جيڪو ڪورنگي ۾ آهي، ڪراچي بعد سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ به بڻايا ويندا. ان ايمرجنسي ۾ 18 لک ٻارن جو علاج ڪيو ويو آهي. ايمرجنسي سينٽرن ڪري ٻارن جي شرح اموات تي ضابطي آڻڻ ۾ مدد ملي آهي. گذريل ڪجهه سالن کان شرح اموات 85 سيڪڙي کان گهٽجي 6 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن ٻڌايو ته پي پي ايڇ آءِ تحت مثالي هيلٿ سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، پي پي ايڇ آءِ پلس ۾ 24 ڪلاڪ صحت جون سهولتون قائم ڪيون ويون آهن. پي پي ايڇ آءِ وٽ 1100 صحت جون سهولتون آهن، جنهن مان 300 کي پلس جو درجو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ 10 ارب رپين جي لاڳت سان ترقياتي ڪم ڪيا، جن مان ڪيترن ئي روڊن جي مرمت، فلاءِ اوورز، انڊرپاسز، جهانگير پارڪ اسڪيم ۽ ٻيا ترقياتي منصوبا شامل آهن. وڏي وزير چيو ته وزيراعظم ڪراچيءَ لاءِ 25 ارب رپين جي ڪراچي پيڪج جو اعلان ڪيو هو، ان جو ڇا ٿو ڪا خبر ئي نه آهي؟. گورنر سنڌ 7 بلين روپين جي اسڪيم جي افتتاح ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هلندڙ سال وفاقي حڪومت پي ايس ڊي پي ۾ هڪ ٽڪو ناهي رکيو. نئين مالي سال ۾ 5 بلين رپيا رکيا ويا آهن، 25 بلين وعدو ڪري 7 بلين رپين تي اچي ويا ۽ مختص 5 بلين رپيا ڪيا آهن. هن چيو ته نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جو ڪم متوازن ترقي ۽ مساوات کي واڌئڻ آهي جيڪو تمام وڏو فورم آهي، جنهن کي وزيراعظم هيڊ ڪندو آهي، منهنجي ڪوشش هئي ته انڊس هاءِ وي ٻن قطارن وارو روڊ جو ڪم جلد ٿئي پر گرائونڊ بريڪنگ جا 5 مهينا گذرڻ باوجود پر وفاقي حڪومت رڳو مٽي کي اڳتي پوئتي ڪرڻ جي ڪجهه نه ڪيو، انڊس هاءِ وي روڊ تي حادثن ڪري اموات ۾ واڌي ٿي رهي آهي، وفاقي حڪومت منصوبي جي رقم هئڻ باوجود ڪجهه نه پئي ڪري. منصوبي جو ٺيڪو به ڏنو ويو آهي پر حاصل ڪجهه به ناهي ٿيو. هن چيو ته خيبر پختون خواهه جي حڪومت بجيٽ منظور نه ٿي ڪري سگهي انهن وٽ ميمبرن جي مقرر تعداد نه آهي. سنڌ واحد صوبو آهي جتي 2013ع کان وڌيڪ مضبوط آهي، ٻين صوبن ۾ صوبائي ميمبر سندن پارٽين کي ڇڏي رهيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي اسان جي ميمبرن جو انگ وڌيو آهي گهٽ ناهي ٿيو. وڏي وزير چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سالياني بجيٽ 6.5 بلين رپيا آهي، سنڌ کي رڳو هڪ اسڪيم 200 ملين رپين جي ڏني وئي آهي، وفاق پاران اهو حصو ڏنو ويندو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 14 يونيورسٽيز، 43 ڊگري ڪاليجز ۽ 2 ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته توانائيءَ ۾ وفاق 7.1 بلين رپين جي بجيٽ مختص ڪيو آهي، توانائي شعبي ۾ سنڌ کي رڳو 125 ملين رپيا ڏنا آهن، جيڪو 1.75 بڻجي ٿو. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته آبي شعبي ۾ 27 بلين رپين جي اسڪيمون آهن سنڌ کي رڳو 300 ملين رپين جي ٽن اسڪيمن مان نوازيو ويو آهي، آبي شعبي ۾ سنڌ کي 1.7 حصو ڏنو ويو، ڇا اهو اسان سان انصاف ٿي رهيو آهي؟. اسان صاف پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪاليءَ واري نظام لاءِ 37 بلين رپيا رکيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه رٿائون پراڻيون آهن اسان انهن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته صحت واري شعبي ۾ فنڊز ۾ گهٽتائي ناهي ڪئي جڏهن ترقياتي بجيٽ ايندو ته اهو بجيٽ وڌي ويندو، آبپاشيءَ جو بجيٽ انڪري وڌيڪ رکيو ويو آهي ته پهرين ٽن هنڌ تي فنڊز رکيا ويندا هئا هاڻ هڪ جاءِ مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته سيلز ٽيڪس ان-گڊز کي گڏ ڪرڻ جو اختيار حاصل ڪري سگهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته صوبي جا وسيلا وڌي ويندا. صحافيءَ جي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي شهباز شريف وانگر مائيڪ ٽوڙڻ ۽ ابتي سبتي ڳالهه ڪرڻ ناهي ايندي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي فزيبلٽي بڻائي ڇڏي آهي، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي گرائونڊ بريڪنگ ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ورتيون پر نه ٿي سگهي، چئن مهينن ۾ ڪي سي آر جي فزيبلٽي مڪمل ڪري ايڊوانس ڪاپي چين ڏانهن اماڻي چڪا آهيون. وفاقي حڪومت اسانجي ڪاوشن ۽ اپائن کي ڪڏهن به سنجيده ناهي ورتو جنهن ڪري ڪي سي آر رٿا دير جو شڪار ٿيو آهي ۽ هاڻ ته چين رٿا لاءِ فنڊ به روڪي ڇڏيا آهن. اسحاق ڊار نومبر 2017ع ۾ چيو هو ته اسان ڪي سي آر جي ايڪنڪ مان منظوري ڏينداسين ۽ اڄ تائين اها منظوري ناهي ملي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته مستقل نااهل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان ٽي شيون گهريون هيون، جنهن ۾ هڪ خودمختياريءَ جي ضمانت، ٻيو ريلوي جي زمين ۽ ٽيون ان کي سي-پيڪ ۾ شامل ڪرڻ، خودمختياريءَ جي ضمانت اڃا تائين ناهي ملي سگهي، ريلوي زمين ڏيڻ جو مسئلو اڃا تائين حال ناهي ٿي سگهيو، باقي رٿا کي سي پيڪ ۾ جوائنٽ ڪو-آرڊينيشن ڪميٽي (جي سي سي) جي ذريعي شامل ڪرائي ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته وفاق جي ماتحت سنڌ ۾ هلندڙ گرين لائين رٿا اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهارالحسن جي سڪيورٽي مون واپس ناهي ورتي. سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ڪميٽي بڻائي وئي آهي، اهي ڏسي رهيا آهن ته ڪنهن کي سڪيورٽي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کان ته هڪ صوبو ته سنڀاليو ناهي ويو ته حڪومت ڇا هلائيندا. ٻين پارٽين جي ڪارڪردگيءَ بابت سوال جي جوابن ۾ چيو ته پنجاب ۾ روزاني بنياد تي ماڻهو نواز ليگ ڇڏي رهيا آهن ۽ بلوچستان حڪومت هاڻ اڳ کان بلڪل تبديل ٿي وئي آهي. سراسري نظريي سان ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي تمام صوبن ۾ مضبوط آهي اها ئي اسان جي ڪاميابيءَ جي نشاني آهي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪاميابيءَ سان سمورو پاڪستان کٽيندي.