اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستاني ڀرتين، بدلين ۽ ترقياتي اسڪيمن تي پابندي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ترقياتي ڪمن، بدلين ۽ ڀرتين تي پابندي بابت اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد اليڪشن ڪميشن ان فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترقياتي اسڪيمن تي پابندي جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو هو.