ڪوئيٽا(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار هزاره برادري جي قتل جي ماڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته منهنجي نظر ۾ هزاره برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ نسل ڪشي آهي جنهن تي سوموٽو وٺڻو پيو.ڪوئيٽا ۾ گذريل مهيني هزاره برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ غيرمعامولي اضافو ٿيو هو، جنهن تي هزاره برادري جي ماڻهن ڌرڻو هنيو هو، جيڪو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي چوڻ تي ختم ڪيو ويو هو.جڏهن ته چيف جسٽس پڻ هزاره برادري جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نوٽيس ورتو هو.سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي قتل جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي آءِ جي بلوچستان عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران هزاره برادري جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 20 ورهين کان ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آهي، اڄ تائين ڪابه گرفتار عمل ۾ ناهي آئي. جنهن تي چيف جسٽس آءِ جي بلوچستان کان سوال ڪيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ بابت رپورٽ ٺاهي آهي؟ چيف جسٽس جي سوال جي جواب ۾ آءِ جي بلوچستان ٽارگيٽ ڪلنگ بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.آءِ جي بلوچستان موجب 2012 کان هن وقت تائين 96 شيعه ۽ 28 سني ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻيا.جڏهن ته 2012 کان 20 سيٽلرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار بڻيا.آءِ جي بلوچستان عدالت کي ٻڌايو ته ان عرصي ۾ 19 اقليتي برادري جي ماڻهن جي پڻ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي پر حالتن ۾ ڪافيءَ بهتري اچي وئي آهي. آءِ جي بلوچستان وڌيڪ ٻڌايو ته صوبي ۾ چئن مهينن دوران هزاره برادري جي 9 ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته هلندڙ سال 28 سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار شهيد ٿيا. آءِ جي جي رپورٽ تي چيف جسٽس چيو ته آءِ جي پوليس ۽ ايجنسين کي اهو ٻڌائڻو آهي ته هنن جي تحفظ لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا وڃن.چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته هزاره برادري جي حفاظت ڪيون، اسان وٽ لفظن ناهن جو اسان اهڙين واقعن جي مذمت ڪري سگهون، منهنجي نظر ۾ اها هزاره برادري جي نسل ڪشي آهي انڪري ان معاملي تي سوموٽو وٺڻو پيو.