لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته زرداري ۽ نيازي پنج سالن تائين عوام کي کوکلن نعرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو. تفصيل موجب پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته نيازي جي سياست ڌرڻي، لاڪ ڊائون، يوٽرن ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. شهباز شريف چيو ته سوئن بينڪن ۾ پيل رقم جا اربين ڊالر ڪرپشن جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيا آهن، مٿي کان پير تائين ڪرپشن ۾ لٿ پٿ هاڻ احتساب جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تبديلي جا دعويدار ڪي پي ۾ ڪو به ذڪر جو ڳو منصوبو مڪمل ناهي ڪري سگهيا، ميٽرو بس جي مصنوبي جي نالي تي پشاور کي خراب ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته عوام تبديلي جي دعويدارن ۽ ڦورن کي رد ڪري ڇڏيو، مخالفن کي عبرت جوڳي شڪست ملندي.