جيڪڏهن احتساب ڏوهه آهي ته اهو ڏوهه ٿيندو رهندو: نيب چيئرمين

پشاور (م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نيب جو نوٽيس منهنجو ذاتي دعوت نامو ناهي هوندو، قومي اداري طرفان نوٽيس ڏنو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ڪرپشن بابت پڇڻ ڏوهه آهي ته اهو ڏوهه ٿيندو رهندو. پشاور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين اداري تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته توهان جي عزت کي نظر ۾ رکي نوٽيس موڪليو ويندو آهي، ڪير به جڏهن نيب آفيس ايندو آهي ته اڳ ۾ کيس چانهه پيئاري ويندي آهي، عزت سان پڇيو ويندو آهي ته توهان سرڪاري ناڻي ۾ امين هيا. هن چيو ته جيڪي ماڻهو نيب آفيس ايندا آهن، انهن کان پڇيو ويندو آهي ته سرڪاري ناڻو ڪٿي خرچ ڪيو ويو، اهو پڇڻ ڪهڙو ڏوهه آهي ڪرپشن ڪٿي، ڪيئن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ٿي. سندس چوڻ هو ته احتساب جيڪڏهن ڏوهه آهي ته اهو ڏوهه ٿيندو رهندو، احتساب ڪرڻ قوم جي مفاد ۾ آهي، ڪرپشن جي خاتمي تائين محب وطن سُک جو ساهه نٿو کڻي سگهي. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته هڪ صاحب چئي ٿو نيب جو ايڪشن چونڊن کان اڳ ڌانڌلي آهي، نيب جو ڌانڌلي سان ڪهڙو واسطو، اسان جو اليڪشن سان ڪجهه نه وڃي، عوام ڄاڻي انهن جو ووٽ ڄاڻي، ان لاءِ احتساب نٿا روڪي سگهون ته چونڊون اچي ويون آهن. هن چيو ته ماڻهن کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، نيب جي هر ڪارروائي بنا امتياز هوندي، اداري جي ڪنهن سان دشمني ناهي، وفاداري رڳو پاڪستان سان آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *