ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو نوجوان وزيراعظم بڻجندو ۽ ايندڙ دور پيپلز پارٽيءَ جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع رات اوچتو ڪراچي شهر جو دورو ڪندي جناح گرائونڊ ۾ پارٽي ڪارڪن کي خطاب ڪندي ڪيو. 12 مئي تي ٿيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جلسي جي سلسلي ۾ جناح گرائونڊ ۾ قائم جلسي گاهه ۾ موجود جيالن کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسانکي ڪراچيءَ ۾ هر قسم جي دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪرڻو آهي ۽ شيطاني حربن کي خاڪ بڻايو ويندو. هن چيو ته شهر جو امن هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته مان شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن کي 12 مئي تي جمهوريت دشمنن ڪراچيءَ ۾ شهيد ڪيو هو. هن چيو ته ڪراچيءَ جي جمهوري شهرين ان وقت قربانيون ڏنيون جڏهن پي ٽي آءِ پيدا به نه ٿي هئي. هن ڪارڪنن کي هدايت ڏيندي چيو ته پارٽي ڪارڪنن کي پرامن رهڻ گهرجي ۽ اسان امن دشمن سڀني سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته 12 مئي وارو جلسو عظيم الشان هوندو، جنهن ۾ ڪراچيءَ جا شهري وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو نوجوان وزيراعظم هوندو. انهيءَ کانپوءِ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪينٽ اسٽيشن پهتو جتي هن ڪينٽ اسٽيشن جي خوبصورتيءَ واري ڪم جو معائنو ڪيو. ان بعد وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سب مرين چورنگي جو دورو ڪيو، جتي هن تعمير ٿيندڙ انڊرپاس جي ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو. ان کانپوءِ وڏو وزير سن سيٽ بليووارڊ فلاءِ اوور جو معائنو ڪرڻ لاءِ پهتو جتي ترقياتي ڪم جي سست رفتاريءَ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان ان فلاءِ اوور کي 15 مئي تي ٽريفڪ لاءِ کولڻ چاهيان ٿو ۽ رات جي شفٽ ۾ ڪم جي رفتار تيز ڪيو وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ۽ سيد ناصر شاهه به وڏي وزير سان گڏ هئا.