اسان جو نوجوان نسل ئي اسان جي دفاعي صلاحيت آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان جو نوجوان نسل ئي اسان جي اصل دفاعي صلاحيت آهي. پاڪ فوجي جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان غير سرڪاري تنظيم زندگي ٽرسٽ جي تحت هلندڙ مختلف سرڪاري اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي زندگي ٽرسٽ جو سربراهه فنڪار شهزاد راءِ ۽ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور به موجود هو. شاگردن سان ڳالهائيندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي گهٽتائي ناهي ۽ اسان جو نوجوان نسل ئي اسان جي اصل دفاعي صلاحيت آهي. هن چيو ته نوجوان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ جديد ترين عالمي معيارن جي موجب مهارت حاصل ڪن. آءِ ايس پي آر موجب غير سرڪاري تنظيم زندگي ٽرسٽ جي سهڪار سان تعليم حاصل ڪندر ٻارن راندين جي ميدان ۾ به ڪاميابيون حاصل ڪيون. آرمي چيف هڪ شاگرد سان گڏ شطرنج راند به کيڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *