ترقي ڏسڻي آهي ته سنڌ هلو جتي تعليم ۽ صحت ڏني ويندي آهي: خورشيد شاهه

لوئردير(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ترقي ڏسڻي آهي ته مون سان گڏ سنڌ هلي ۽ ڏسي ته غريبن کي ڪيئن تعليم ۽ صحت ڏني ويندي آهي. خيبرپختونخواهه جي ضلعي لوئر دير جي علائقي چڪدره ۾ عوامي اجتماع کي خطاب دوران خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته غريبن جي عزت ۽ آبرو ۾ واڌ ٿئي، اسان صوبن کي اختيار ڏنو ۽ صوبن جا فنڊ وڌائڻ سان گڏ وفاق جا فنڊ گهٽ ڪيا. خورشيد شاه چيو ته اِهي ماڻهو چون ٿا ته لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي آهي ڇا لوڊشيڊنگ ٿي وئي آهي؟ 12 ڪلاڪ اڄ به لوڊشيڊنگ آهي ها پر حڪمرانن جي گهرن ۾ لوڊشيڊنگ ناهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ترقي ڏسڻي آهي ته سنڌ هلو جتي تعليم ۽ صحت ڏني ويندي آهي. ڪيئن لکن جون سرجريون مفت ۾ ٿينديون آهن، اِها هوندي آهي ترقي، شرم ڪيو، حيا ڪيو. هن چيو ته اڄ غير آئيني طريقي سان اين ايف سي ايوارڊ ناهي ڏنو ويو، جيستائين صوبا مضبوط نه ٿيندا وفاقي مضبوط نه ٿيندي. خورشيد شاهه حڪمران پارٽي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته گيس ڪهڙي صوبي جي آهي، سنڌ جي سڄي گيس پنجاب ڏانهن ويندي آهي، کڻي وڃو پنجاب به اسان جو آهي پر جتان جي گيس آهي ان کي ته ڏيو. هن چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو گهرجي ۽ اُهو گهڻو ضروري آهي پر پنهنجي عوام جي مفادن جي بدلي ۾ نه، سي پيڪ خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان مان گذري رهيو آهي پر ڪم رڳو پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *