شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني جي واڌ

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنسز جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي لاءِ احتساب عدالت کي وڌيڪ هڪ مهيني جو وقت ڏئي ڇڏيو. جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس عظمت سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني خاص بينچ احتساب عدالت کي شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنسز جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ ۾ واڌ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت نواز شريف جي وڪيل ۽ نيب پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ احتساب عدالت کي ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي تاريخ ۾ 9 جون تائين جي واڌ ڪري ڇڏي. ٻڌڻي جي آغاز تي جسٽس اعجاز الاحسن نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي وڌيڪ ڪيترو وقت گهرجي جنهن تي وڪيل چيو ته ٽرائل ۽ پوائنٽس مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ٽن مهينن جو وقت گهربل هوندو. خواجا حارث چيو ته رمضان المبارڪ جو مهينو شروع ٿيڻ وارو آهي، جلد بازي سان ٽرائل متاثر ٿيڻ ۽ جوابدارن جو فيئر ٽرائل جو حق متاثر ٿي سگهي ٿو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اسان جي بزرگن رمضان ۾ جنگيون وڙهيون جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته جنگ ويڙهايو پر اِهو ذهن جو ڪم آهي، مشقت گهڻي آهي، رمضان ۾ اهو ڪم مڪمل ٿيندي نظر نه پيو اچي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هن وقت مقرر مدي ۾ ٽرائل مڪمل نه ٿيو ته عدالت ويٺي آهي، انصاف جو قتل عام نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ جوابدارن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين. نواز شريف جي وڪيل چيو ته اسان پراسيڪيوشن کي چيو هو ته جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضيا ۽ ٻين شاهدن جا بيان ٽنهي ريفرنس ۾ گڏ ڪيو. خواجا حارث چيو ته رڳو 38 قانوني نقطا اهڙا آهن جن تي جرح ٿيڻي آهي، واجد ضياءَ ۽ عمران ڊوگر جي بيان تي جرح جا وڌيڪ ٻه سيشن ٿيندا. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته هڪ ريفرنس ۾ 18 شاهدن جا بيان ٿي چڪا آهن ۽ ايون فيلڊ  ريفرنس ۾ جوابدارن جا بيان باقي آهن. سپريم ڪورٽ احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي ٽرائل مڪمل ڪرڻ واري واڌ جي درخواست منظور ڪندي وڌيڪ هڪ مهيني جو وقت ڏئي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *