اسلام آباد (اين اين آءِ) موبائيل فون ڪارڊ تي وڌيڪ اڳاڙي واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته قانون ٻڌايو وڃي ته سيلز ٽيڪس ڇو ورتي پئي وڃي ۽ هي پئسا ڦٻائڻ جو غير قانوني طريقو آهي اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ موبائيل فون ڪمپنين پاران وڌيڪ اڳاڙين جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن جي ڏس ۾ عدالت پاران طلب ڪرڻ تي اٽارني جنرل پيش ٿيو اٽارني جنرل موبائيل فون ڪارڊ تي اڳاڙين جو تفصيل عدالت ۾ پيش ڪندي ٻڌايو ته ري چارج تي 19.5 سيڪڙو سيلز، 12.5 وڌ هولڊنگ تيڪس ورتي وڃي ٿي ڪمپني 10 سيڪڙو سروس چارج به وصول ڪن ٿا چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي استحصال نه آهي جو ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ورتو وڃي ٿو هي ٽيڪس ڪيئن وصول ٿي رهي آهي جسٽس ثاقب نثار چيو ته ناڻي وزير کي گهرايون 14 ڪروڙ صارفين کان روزانو ٽيڪس ڪهڙي کاتي ۾ ورتي وڃي ٿي اسان کي قانون ٻڌايو ته سيلز ٽيڪس ڇو ورتي پئي وڃي ان موقعي تي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته پئسا ڦٻائڻ جو هي غيرقانوني طريقو آهي جسٽس عمرعطا بنديال چيو ته موبائيل صارفين کان 42 سيڪڙو ٽيڪس ورتي پئي وڇي سپريم ڪورٽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪال ريٽ جو تقابلي جائزو چارٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو چيف جسٽس حڪم ڏنو ته وفاق، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ صوبا هڪ هفتي ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائين ان کان پوءِ ڪارڊ ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪئي ويئي.