ڪراچي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي آپريشن جي ڪاميابين کي برقرار رکي شهر ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان جي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪراچي ڪور هيڊ ڪوراٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه کي سنڌ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪراچي ۾ امن آڻڻ تي رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ۽ ٻين ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو. آرمي چيف شهر ۾ اقتصادي سرگرميون بحال ڪرڻ وارين ڪوششن جي به تعريف ڪئي ۽ ان موقعي تي آرمي چيف هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيون برقرار رکندي وڌيڪ بهتري جون ڪوششون جاري رکيون وڃن.