اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جو بحران ماضي جو حصو بڻجي چڪو آهي. اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل انويسٽمنٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته 2025ع تائين پاڪستان ۾ توانائي سڀ کان وڌيڪ هوندي، هن چو ته هاڻ توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي وارو مسئلو حل ڪنداسين. بعد ۾ وزير اعظم بحريا يونيورسٽي اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائم سمپوزيم کي خطاب ڪندي چيو ته خطي جي ترقي جي لاءِ سي پيڪ جهڙا منصوبا بڻائڻا پوندا. وزير اعظم چيو آهي ته خطي جي ترقي جي لاءِ سي پيڪ جهڙا منصوبا بڻائڻا پوندا. هن چيو ته سي پيڪ کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اسان کي چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾ سمپوزيم رٿڻ اهم آهي ڇو ته دنيا جو 80 سيڪڙو واپار سمنڊ ذريعي ٿيندو آهي ۽ پاڪستان سان سلهاڙيل واپاري خطو دنيا جو 40 سيڪڙو آهي. هن چيو ته جغرافيائي حيثيت سان فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ بندوبست ضروري آهن جڏهن ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن کي واپار تائين پهچ ڏئي سگهي ٿو. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جو خطو توانائي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ اسان کي جغرافيائي حيثيت کي رابطن جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.