چيف جسٽس اُهي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪي حڪومت کي ڪرڻ گهرجن ها: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ۾ صحت جي فراهمي واري نظام تبديل ڪرڻ ان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته چيف جسٽس خيبرپختونخواهه جي اسپتالن جو نوٽيس ورتو آهي، اسان چيف جسٽس کي ڀليڪار چئون ٿا، چيف جسٽس اُهي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪي حڪومت کي ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته چيف جسٽس کان درخواست ڪندس ته ان سلسلي ۾ غير جانبدار ماهرن جي ڪميٽي بڻائي، چاهيان ٿو ته خبر پوي ته ڪي پي حڪومت عوام جي لاءِ ڪيترو ڪم ڪيو آهي. عمران خان چيو ته 40 سالن ۾ ڪنهن ڪي پي ڪي ۾ اسپتالون نه سڌاريون، ماڻهو هر هر پڇن ٿا ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڇا ڪيو، عمران خان چيو ته آئون چيلينج ٿو ڪيان ته 40 سالن ۾ ڪي پي ۾ اهو ڪم ناهي ٿيو جيڪو پي ٽي آءِ ڪيو. هن چيو ته ڪي پي ۾ اسپتالن جي بهتري لاءِ پي ٽي آءِ پنج سال سخت محنت ڪئي، سڀ کان پهرين ريفارمز ايڪٽ کڻي آياسين، گڏوگڏ ڊاڪٽر برادري کي به پرچائڻو پيو، هنن کي سمجهايو ته سرڪاري اسپتالن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هيلٿ ريفارمز ضروري آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن اسان صحت سڌارن کي لاڳو ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، مون کي خوشي آهي ته چيف جسٽس ڪي پي ڪي ۾ آيو ۽ آئون چاهيان ٿو ته هو نه ڄاڻي ته اسان کي ڪنهن مسئلن مان گذرڻو پيو. عمران خان چيو ته سڀ کان وڏو چيلينج سرڪاري اسپتالن جي معيار کي مٿي آڻڻ هو، سرڪاري اسپتالن ۾ سالن کان پراڻو نظام هو، نين اسپتالن ۾ ته اسان نظام پاڻ بڻائيندا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *