ڪراچي (اين اين آءِ( سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته اعليٰ تعليم کي هٿي وٺرائڻ سان ئي مضبوط معيشت، خوشحال معاشرو ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار مٿي ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، موجود حڪومت ان سوچ سان ڀرپور قدم کڻي امن امان قائم ڪرڻ ۽ انرجي بحران ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليم کي هٿي وٺرائڻ نهايت اڻٽر آهي، هن چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب اعليٰ تعليم ۽ درسگاهن کي تيار ڪرڻ سان شاگردن کي معاشري جو ڪارائتو فرد بڻائي سگهجي ٿو ان ڏس ۾ حبيب يونيورسٽي گهٽ عرصي ۾ موجوده دور جي گهرجن موجب نصاب جي تياري، درس ۽ شاندار عمارت کي ڊزائين ڪيو آهي، جتي ڪلاس روم ۽ ويب به پنهنجو مثال پاڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار پيٽرن محمد زبير حبيب يونيورسٽي جي پهرين سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي حيبب يونيورسٽي جو چانسلر رفيق محمد حبيب، لاهور يونيورسٽي آف مئنجمينٽ سائنسز جو باني سيد بابر علي، حبيب يونيورسٽي جو صدر واصف اي رضوي، پروفيسر، ليڪچرارن ۽ استادن جو وڏو انگ موجود هو، سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته اعليٰ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين کي حڪومت مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي، صوبي ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ هاير ايجوڪيشن جو ڪردار اهم ثابت ٿي رهيو آهي، هن چيو ته صوبي جي يونيورسٽين ۾ تعليم هيٺ ذهين شاگردن جا حوصلا وڌائڻ لاءِ کين والدين سان گڏ گورنر هائوس گهرايو پيو وڃي ان ڏس ۾ حبيب يونيورسٽي جي بهترين شاگردن کي به گهرايو ويندو ته جيئن انهن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪري سگهجي، حبيب يونيورسٽي جي صدر چيو ته جديد فيڪلٽي ۽ فخر لاءِ استادن جي نگراني هيٺ شاگردن جي پهرين بيج پنهنجي اعليٰ تعليم مڪمل ڪري ورتي، يوينورسٽي جي پهرين ڪانوڪيشن ۾ شريڪ پروفيسر، ليڪچرار، استاد ۽ شاگرد هڪ تاريخ رقم ڪري رهيا آهن جيڪو يونيورسٽي لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، عالمي يونيورسٽين جي سهڪار سان حبيب يونيورسٽي ۾ جديد تعليم جو سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ڪانوڪيشن ۾ پيٽرن محمد زبير بي ايس اليڪٽرڪل انجنيئرنگ جي شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا.