”ووٽ کي عزت ڏيو“ نعري جو مقصد عوام کي عزت ڏيڻ آهي: نواز شريف

مانسهرا (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته لاهور ۾ هڪ نئون پاڪستان نظر ايندو آهي، جڏهن ته ڪي پي ۾ ترقي يا خوشحالي نظر ناهي آهي، جيڪڏهن ووٽ جي عزت ٿي ۽ موقعو مليو ته نئون خيبر پختونخواهه تعمير ڪري ڏيکارينداسين.  مانسهرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته نئون ڪي پي ٺاهڻ جي دعويٰ ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان برهان کان شاهه منصور ۽ هاڻ ايبٽ آباد تائين نئون پاڪستان ٺاهيو پر مون کي هتي پراڻو پاڪستان ئي نظر اچي رهيو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي ملي ته مانسهرا کي واپار جو عالمي مرڪز بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته چيني صدر 2014ع ۾ تحريڪ انصاف جي ڌرڻي سبب هتي نه اچي سگهيو ۽ سندس دوري ۾ هڪ سال دير ٿي، هزارا موٽر وي ٺاهڻ لاءِ مون کي عوام نه چيو پر مان عوام جي محبت کي ڏسي اهو ڪم ڪيو. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ اسان جو مقابلو لاڏلي يا زرداري سان ناهي، انهن کي شڪست ملندي، 2013ع جي چونڊن ۾ آصف زرداري ۽ عمران خان مون کي شڪست نه ڏئي سگهيا هيا، جنهن کانپوءِ مون کي چور دروازي کان ٻاهر ڪڍيو ويو. نواز شريف سپريم ڪورٽ طرفان تاحيات نااهل ڪرڻ واري فيصلي تي تنيقد ڪندي چيو ته ان قانون کي اسيمبلي ۾ کڻي وڃي مَٽائڻو پوندو، جنهن لاءِ اسان کي عوام جو ووٽ گهرجي، ووٽ کي عزت ڏيو نعري جو مقصد عوام کي عزت ڏيڻ آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان ايبٽ آباد جو موٽر وي ٺاهيو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ڪامياب ٿياسين ته جلد ان موٽر وي کي مانسهرا تائين پهچائينداسين، مون کي ڪيرائڻ وارا ناڪام ۽ نامراد هوندا. سندس چوڻ هو ته اسان بجلي بحران ختم ڪيو، دهشتگردي جي پاڙ پَٽي سين ۽ ڪراچي ۾ امن امان بحال ڪرايو، جن حاجين کي ڦريو، انهن تي ڪو ڪيس ناهي پر سڀ نواز شريف جي پويان پئجي ويا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *