جماعت اسلامي ڪي پي حڪومت کان ڌار ٿي وئي، وزيرن جي استعيفيٰ

پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي ڪي پي حڪومت کان ڌار ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن. ديني جماعتن جي اتحاد متحدا مجلس عمل جي بحالي کانپوءِ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق خيبر پختونخواهه حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. پشاور ۾ ڪي پي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير عنايت الله چيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، اقتدار ۾ سٺي ڀائيواري کانپوءِ ڌار ٿي رهيا آهن، دوستاڻي ماحول ۾ ڌار ٿي سٺي سياسي روايت قائم ڪئي آهي. هن چيو ته اسان پرويز خٽڪ جا ٿورائتا آهيون، ڇو ته هن ڀرپور سهڪار ڪيو، ميرٽ قائم ڪرڻ اسان جي گڏيل ايجنڊا هئي، عوامي مفاد پهرين ترجيح آهي، جنهن لاءِ اڳتي به هڪٻئي سان سهڪار ڪندا رهنداسين. ان موقعي تي پرويز خٽڪ چيو ته جماعت اسلامي هاڻ ايم ايم اي جو حصو بڻجي چڪي آهي، اسان ۾ ڪو اختلاف ناهي ۽ نه جهيڙو، خوشي سان ڌار ٿي رهيا آهن، جماعت اسلامي اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي. پريس ڪانفرنس کانپوءِ جماعت اسلامي جي ٽن وزيرن ۽ هڪ پارلياماني سيڪريٽري استعيفيٰ ڏني ڇڏي. استعيفيٰ ڏيندڙ وزيرن ۾ مڪاني ادارن جو صوبائي وزير عنايت الله، ناڻي وارو وزير مظفر سيد ۽ مذهبي معاملن بابت وزير حبيب الرحمان شامل آهن، جڏهن ته پارلياماني سيڪريٽري محمد علي به استعيفيٰ ڏني، جن پنهنجون استعيفائون وڏي وزير وٽ جمع ڪرايون.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *