فوج 2013ع جي چونڊن ۾ نواز شريف جي مدد ڪئي: عمران خان جو الزام

ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان الزام هڻندي چيو آهي ته  2013ع جي چونڊن ۾ نواز شريف کي فوج جي مدد حاصل هئي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مان سوچي سمجهي اها ڳالهه ڪري رهيو آهيان ته 2013ع جي چونڊن ۾ هڪ برگيڊيئر پنجاب ۾ نواز شريف جي ڏاڍي مدد ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان نواز شريف جي سياسي تاريخ کڻي ڏسو، خبر پئجي ويندي ته مان نه پر نواز شريف فوج ۽ عدليا جو لاڏلو رهيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ تڪ بندين بابت درخواستن سبب چونڊون هڪ کان ڏيڍ مهيني لاءِ دير جو شڪار ٿي سگهن ٿيون.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *